شيخ حافظ عبدالغني ڊاڪٽر

شيخ، حافظ عبدالغني، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر عبدالغني شيخ، 16 آگسٽ 1960ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم ٺري ميرواهه ضلعي خيرپور مان، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٺٽي مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين، جنهن بعد انٽر آرٽس ۾ پهريون نمبر، بي. اي فرسٽ ڪلاس ۾ ۽ ايم. اي عربيءَ ۾ پڻ پهرين پوزيشن حاصل ڪيائين. فاضل درس نظامي ۾ اي گريڊ، پبلڪ ائڊمنسٽريشن ۾ ڊپلوما فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن ۽ تجويد القرآن ۾ ڪيائين. جنهن بعد ايل. ايل. بي جي امتحان ۾ پڻ امتيازي حيثيت حاصل ڪيائين. حافظ عبدالغني شيخ، ڊاڪٽر مدد علي قادريءَ جي رهنمائيءَ ۾ ‘تذڪرة العلماءِ لاڙڪانه ومساعيهم العلوم العربيه’ جي عنوان هيٺ هڪ تحقيقي مقالو لکي 1993ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ڊاڪٽوريٽ جي سند حاصل ڪئي. هيءُ تصنيف، ترجمي، ترتيب ۽ مقالا لکڻ ۾ مهارت رکي ٿو. سندس مقالا عربي ۽ سنڌي زبانن ۾ لکيل آهن. پاڻ هن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جي عربي شعبي ۾ پنهنجون تدريسي ذميواريون سرانجام ڏئي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو